حبيب الله قاضي مولانا

حبيب الله قاضي، مولانا: سنڌ جي معروف ديني مدرسي ’دارالهديٰ‘ ٺيڙهيءَ جو بنياد وجهندڙ مولانا حبيب الله ولد مولانا عبدالله قاضيءَ جو جنم 1890ع ڌاري ٺيڙهيءَ ۾ ٿيو. هيءُ پنهنجي دور جو هڪ جيد عالم ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. ان کان پوءِ هيءُ هاليجي شريف وڃي مولانا حمادالله جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي ڪجهه وقت تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي استاد جي چوڻ تي پير جهنڊي جي مدرسي ’دارالرشاد‘ ۾ شيخ الحديث مولانا محمد وٽ پڙهيو. ان کانسواءِ ديوبند وڃي علامه سيد انور جي درس حديث ۾ شريڪ ٿيو. اتان موٽي اچي پنهنجي استاد حماد الله جي سرپرستيءَ ۾ ’مدرسي دارالهديٰ‘ جو بنياد رکيائين، اهو زمانو 1332هه مطابق 1911ع جو هو، جتي هن پنهنجي سڄي زندگي پڙهائڻ ۾گذاري ڇڏي. هن 1958ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو